سچ ڌڪ

سچ ڌڪ (راند): هيءَ راند هڪ کان وڌيڪ ٻار کيڏندا آهن. هن راند ۾ ڪاٺيءَ سان بلور جيتري کڏ ڪري، جنهن کي ’سچ‘ چئبو آهي يا ڪو هڪ ٻار ان ڦوڪيل پٽ تي بلور رکي ٻيو پير مٿي کڻي چوڌاريءَ هڪ ٻه ڀيرا ڦرندو ته سُچ ٺهي پوندو. پوءِ ڇوڪرا سچ کان اٺن، ڏهن قدمن تان هڪ سڌ ۾ بيهي پنهنجو پنهنجو بلور کاٻي هٿ جي شهادت (ڏسڻي) آڱر، ساڄي هٿ جي وچين آڱر جي وچ ۾ جهلي پاسي کان اڇلائيندا، جنهن جو بلور سڀ کان وڌيڪ کڏ جي ويجهو هوندو اهو پهريان هلندو ۽ جنهن جو کڏ کان سڀ کان پري هوندو، اهو سڀ کان پڇاڙي هلندو. انکانپوءِ هر ٻار پنهنجي بلور کي کڏ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو جيڪو ٻار کڏ کي ويجهو هوندو ۽ سمجهندو ته آئون انهيءَ پنڌ يا فاصلي تان کڏ ۾ بلور وجهي ويندس ته اهو پهريائين کڏ کي ڦوڪيندو. هن راند ۾ ٻار هي محاورا استعمال ڪندا آهن، هڪ ڀيرو چوندو هي ڪوڙ ۽ بلور گِل ڏي اڇلائيندو پوءِ گِل ۾ پئي يا نه پئي پر اهو ڪوڙ هوندو، وري ٻيهر چوندو هي ٻدوڙ وري بلور گِل ڏي اڇلائيندو پوءِ بلور کڏ ۾ پوي يا نه پوي پر اهو ٻدوڙ هوندو ۽ آخر ۾ چوندو ته هي’سَچُ‘ ۽ بلور کڏ ڏانهن اڇلائيندو جي کڏ ۾ نه پيو ته وري پنهنجي واري اڇلڻ تي کڏ ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو پر جي سُچ ۾ پئجي ويو ته معنيٰ اهو پچي ويو ۽ پوءِ اهو ويجهن بلورن مان ڪنهن هڪ بلور کي چِٽِيندو، جي چِٽي ويو ته وري ٻئي بلور کي چُٽي ويو ته ٽيون بلور چوٽيندو ۽ ٻيا ڇوڪرا جيڪي ڪچا هوندا سي بچڻ جي ڪوشش به ڪندا ۽ پڪي ڇوڪري جي بلور کان پري رهڻ جي ڪوشش پڻ ڪندا. جيڪڏهن پڪل ڇوڪري جو بلور کڏ جي ڀرسان پيو هوندو ته ڪچا ڇوڪرا پڪل کي چوندا آهن ته تون واهه تي وڃ يعني گِل کان پري ڪا جڳهه مخصوص ڪندا آهن، جنهن کي واهه چوندا آهن ۽ پڪل ڇوڪرو پنهنجو بلور کڻي واهه (پري) تي وڃي ويهندو آهي. (يعني ٻين کي واه ڏيندو آهي) ۽ پنهنجي واري اچڻ تي اتان ڪنهن ويجهي يا سولي بلور کي چٽيندو. اهڙيءَ طرح جيڪو پڪل ٻار بلور چٽي ويندو اهو بلور ان جو ٿيو ۽ ائين بلورن جو تعداد گهٽ ٿي، ختم ٿي ويندو ۽ راند ٻيهر شروع ڪندا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو